Surah الرعد

Select reciter

Sindhi

Surah الرعد - Aya count 43
Facebook Twitter Google+ Pinterest Reddit StumbleUpon Linkedin Tumblr Google Bookmarks Email
المر ۚ تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ ۗ وَالَّذِي أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ الْحَقُّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ ( 1 ) الرعد - Aya 1
المّرٰ، ھيءُ ڪتاب جون آيتون آھن، ۽ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان نازل ڪيو ويو سو حق آھي پر گھڻا ماڻھو نه مڃيندا آھن.
اللَّهُ الَّذِي رَفَعَ السَّمَاوَاتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ۖ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ ۖ وَسَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۖ كُلٌّ يَجْرِي لِأَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ يُدَبِّرُ الْأَمْرَ يُفَصِّلُ الْآيَاتِ لَعَلَّكُم بِلِقَاءِ رَبِّكُمْ تُوقِنُونَ ( 2 ) الرعد - Aya 2
الله اُھو آھي جنھن آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي کڙو ڪيو آھي انھن کي ڏسو ٿا وري عرش ڏي متوجه ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي فرمانبردار ڪيائين، جو سڀڪو ٺھرايل مُدّت تائين ھلندو آھي، (اُھو) سڀني ڪمن کي رٿيندو آھي نشانيون چٽائيءَ سان بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ جو يقين ڪريو.
وَهُوَ الَّذِي مَدَّ الْأَرْضَ وَجَعَلَ فِيهَا رَوَاسِيَ وَأَنْهَارًا ۖ وَمِن كُلِّ الثَّمَرَاتِ جَعَلَ فِيهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ ۖ يُغْشِي اللَّيْلَ النَّهَارَ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ ( 3 ) الرعد - Aya 3
۽ اُھو (الله) آھي جنھن زمين کي پکيڙيو ۽ منجھس جبل ۽ درياء بڻايائين، ۽ منجھس سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه قِسم بڻايائين ڏينھن کي رات سان ڍڪيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.
وَفِي الْأَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجَاوِرَاتٌ وَجَنَّاتٌ مِّنْ أَعْنَابٍ وَزَرْعٌ وَنَخِيلٌ صِنْوَانٌ وَغَيْرُ صِنْوَانٍ يُسْقَىٰ بِمَاءٍ وَاحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلَىٰ بَعْضٍ فِي الْأُكُلِ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ ( 4 ) الرعد - Aya 4
۽ زمين ۾ (پاڻون واڻا) ٽڪرا لڳولڳ آھن ۽ ڊاکن جا باغ آھن ۽ پوکون ۽ کجيون آھن (انھن مان ڪي) جُوھا ۽ (ڪي) ھڪ ٿُڙ واريون آھن اُنھن کي ھڪ (ئي) پاڻي پياريو ويندو آھي، ۽ اسين ميون ۾ ڪن (جي مزي) کي ڪِن کان وڌيڪ ڪندا آھيون، بيشڪ اُن ۾ سمجھندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.
وَإِن تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ أَإِذَا كُنَّا تُرَابًا أَإِنَّا لَفِي خَلْقٍ جَدِيدٍ ۗ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ كَفَرُوا بِرَبِّهِمْ ۖ وَأُولَٰئِكَ الْأَغْلَالُ فِي أَعْنَاقِهِمْ ۖ وَأُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ ( 5 ) الرعد - Aya 5
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي (سندن انڪار جو) عجب ٿيندو آھي ته سندن (ھن) چوڻ جو به عجب (ڪرڻو) آھي (جو چوندا آھن ته) جڏھن مٽي ٿينداسون ته اسين وري نئين بڻاوت ۾ بڻايا وينداسون ڇا؟ اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ ھوندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَيَسْتَعْجِلُونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِمُ الْمَثُلَاتُ ۗ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلَىٰ ظُلْمِهِمْ ۖ وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيدُ الْعِقَابِ ( 6 ) الرعد - Aya 6
۽ (اي پيغمبر) چڱائي (جي پھچڻ) کان اڳي ئي توکان مدائي جلد گھرندا آھن ۽ بيشڪ کانئن اڳ (ماڻھن تي) عذاب ٿي چُڪا آھن، ۽ تنھنجو پالڻھار ماڻھن کي سندن ڏوھي ھجڻ ھوندي به بخشڻ وارو آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍي عذاب ڪرڻ وارو (به) آھي.
وَيَقُولُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْلَا أُنزِلَ عَلَيْهِ آيَةٌ مِّن رَّبِّهِ ۗ إِنَّمَا أَنتَ مُنذِرٌ ۖ وَلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ ( 7 ) الرعد - Aya 7
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھن (پيغمبر) تي سندس پالڻھار کان ڪا (به) نشاني ڇونه نازل ڪئي وئي آھي؟ (اي پيغمبر) تون رڳو ڊيڄاريندڙ آھين ۽ سڀڪنھن قوم لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ھوندو آھي.
اللَّهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ أُنثَىٰ وَمَا تَغِيضُ الْأَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۖ وَكُلُّ شَيْءٍ عِندَهُ بِمِقْدَارٍ ( 8 ) الرعد - Aya 8
سڀڪا مادي (پنھنجي پيٽ ۾) جيڪو (حمل) کڻندي آھي سو الله ڄاڻندو آھي ۽ ڳڀيرڻيون جيڪي گھٽائينديون آھن ۽ جيڪي وڌائينديون آھن (سو به ڄاڻندو آھي)، ۽ سڀڪا شيء وٽس اندازي سان آھي.
عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيرُ الْمُتَعَالِ ( 9 ) الرعد - Aya 9
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ وڏو مٿاھون آھي.
سَوَاءٌ مِّنكُم مَّنْ أَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍ بِاللَّيْلِ وَسَارِبٌ بِالنَّهَارِ ( 10 ) الرعد - Aya 10
اوھان مان جيڪو ڳالھ ھوريان ڪري ۽ جيڪووڏي سڏ ڳالھائي ۽ جيڪو رات جو لِڪي ۽ ڏينھن جو پڌرو ٿي گھمي (سي سندس علم ۾) ھڪ جھڙا آھن.
لَهُ مُعَقِّبَاتٌ مِّن بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ يَحْفَظُونَهُ مِنْ أَمْرِ اللَّهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتَّىٰ يُغَيِّرُوا مَا بِأَنفُسِهِمْ ۗ وَإِذَا أَرَادَ اللَّهُ بِقَوْمٍ سُوءًا فَلَا مَرَدَّ لَهُ ۚ وَمَا لَهُم مِّن دُونِهِ مِن وَالٍ ( 11 ) الرعد - Aya 11
اُن (ماڻھوءَ) لاءِ (ملائڪ پھريدار) ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ سندس پويان (مقرر) آھن جو الله جي حُڪم سان اُن جي نگھباني ڪندا آھن، بيشڪ الله ڪنھن قوم جي حالت کي (ايستائين) نه ڦيرائيندو آھي جيسين اُھي جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو (پاڻ) نه ڦيرائين، ۽ جڏھن الله ڪنھن قوم جي مدائيءَ جو ارادو ڪندو آھي ته اُن کي ڪو ٽَرڻ ڪونه آھي، ۽ نڪي انھن جو الله کانسواءِ ڪو مددگار آھي.
هُوَ الَّذِي يُرِيكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ( 12 ) الرعد - Aya 12
اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي ڀؤ ۽ اُميد لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ ڳَرن ڪڪرن کي کڻندو آھي.
وَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهِ وَالْمَلَائِكَةُ مِنْ خِيفَتِهِ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيبُ بِهَا مَن يَشَاءُ وَهُمْ يُجَادِلُونَ فِي اللَّهِ وَهُوَ شَدِيدُ الْمِحَالِ ( 13 ) الرعد - Aya 13
۽ رعد ۽ (سڀ) ملائڪ سندس ڀؤ کان سندس ساراھ سان پاڪائي واکاڻيندا آھن، ۽ وِڄون موڪليندو آھي پوءِ اُھي جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي ڪيرائيندو آھي ۽ ڪافر الله بابت تڪرار ڪندا آھن، حالانڪ اُھو سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.
لَهُ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۖ وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ لَا يَسْتَجِيبُونَ لَهُم بِشَيْءٍ إِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ إِلَى الْمَاءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهِ ۚ وَمَا دُعَاءُ الْكَافِرِينَ إِلَّا فِي ضَلَالٍ ( 14 ) الرعد - Aya 14
کيس (ھر حال ۾) سڏڻ حق آھي، ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي (ٻي) ڪنھن (به) طرح ورندي ڏئي نه سگھندا (انھن سڏيندڙن جو مثال) رڳو انھيءَ (ماڻھوءَ) وانگر آھي جو پنھنجو ٻُڪ پاڻيءَ ڏانھن ھن لاءِ ڊگھيڙيندڙ ھجي ته پاڻي سندس وات ۾ پوي ۽ اُھو پاڻي سندس وات ۾ پوڻ وارو نه آھي، ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو گمراھيءَ ۾ ھجڻ آھي.
وَلِلَّهِ يَسْجُدُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ طَوْعًا وَكَرْهًا وَظِلَالُهُم بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ ۩ ( 15 ) الرعد - Aya 15
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سَرھا ٿي ۽ ارھا ٿي الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ سندن پاڇا (به) صبح جو ۽ سانجھيءَ جو (سجدو ڪندا آھن).
قُلْ مَن رَّبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ قُلِ اللَّهُ ۚ قُلْ أَفَاتَّخَذْتُم مِّن دُونِهِ أَوْلِيَاءَ لَا يَمْلِكُونَ لِأَنفُسِهِمْ نَفْعًا وَلَا ضَرًّا ۚ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْأَعْمَىٰ وَالْبَصِيرُ أَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمَاتُ وَالنُّورُ ۗ أَمْ جَعَلُوا لِلَّهِ شُرَكَاءَ خَلَقُوا كَخَلْقِهِ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۚ قُلِ اللَّهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ( 16 ) الرعد - Aya 16
(اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ڪير آھي، (سندن پاران) چؤ ته الله، (وري کانئن) پڇا ڪر ته پوءِ الله کانسواءِ ٻيا اھڙا مددگار ڇو ورتا اَٿو جي پنھنجي جيئن کي نڪي سُک ۽ نڪي ڏک پھچائي سگھندا آھن؟ (۽ اي پيغمبر کين) چؤ ته انڌو ۽ سڄو ڪو برابر آھي ڇا؟ يا اونداھيون ۽ سوجھرو برابر آھن ڇا؟ الله لاءِ (اھڙا) شريڪ مُقرر ڪيا اٿن ڇا جو (انھن) الله جي مخلوقات جھڙي (خلق) خلقي ھجي جو (اُھا) خلق مٿن ھڪ جھڙي ٿي پئي آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀڪنھن جو خلقڻھار الله آھي ۽ اُھوئي اڪيلو غالب آھي.
أَنزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَسَالَتْ أَوْدِيَةٌ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۚ وَمِمَّا يُوقِدُونَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاءَ حِلْيَةٍ أَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهُ ۚ كَذَٰلِكَ يَضْرِبُ اللَّهُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۚ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاءً ۖ وَأَمَّا مَا يَنفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْأَرْضِ ۚ كَذَٰلِكَ يَضْرِبُ اللَّهُ الْأَمْثَالَ ( 17 ) الرعد - Aya 17
(جنھن) آسمان کان پاڻي وَسايو پوءِ نيون پنھنجي قدر سارو وھيون پوءِ ڇَر اُڀامندڙ گجيءَ کي کنيو، ۽ جيڪا شيء زيورن يا سامان جي طلب ڪرڻ لاءِ باھ ۾ ڳاريندا آھن اُن تي اُن جھڙي گجي (ٿيندي) آھي، اھڙي طرح الله کَري ۽ کوٽي جو مثال ڏيندو آھي، پر گجي ته گُم ٿي ويندي آھي، ۽ جا شيء ماڻھن کي نفعو ڏيندي آھي سا زمين ۾ رھندي آھي، اھڙي طرح الله مثال ڏيندو آھي.
لِلَّذِينَ اسْتَجَابُوا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنَىٰ ۚ وَالَّذِينَ لَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُ لَوْ أَنَّ لَهُم مَّا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا وَمِثْلَهُ مَعَهُ لَافْتَدَوْا بِهِ ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ سُوءُ الْحِسَابِ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ( 18 ) الرعد - Aya 18
جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم قبول ڪيو تن لاءِ ڀلائي آھي، ۽ جيڪي سندس (حُڪم) قبول نه ٿا ڪن سي جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ ۽ پڻ اوترو ساڻس (ٻيو) انھن کي ھجي جيڪڏھن عوض ڏين (ته به قبول نه ڪبو)، انھن لاءِ حساب جي سختي آھي، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.
أَفَمَن يَعْلَمُ أَنَّمَا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ الْحَقُّ كَمَنْ هُوَ أَعْمَىٰ ۚ إِنَّمَا يَتَذَكَّرُ أُولُو الْأَلْبَابِ ( 19 ) الرعد - Aya 19
پوءِ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار کان نازل ڪيو ويو آھي تنھن کي جيڪو ڄاڻندو آھي ته سچ آھي سو ڪو اُن جھڙو آھي ڇا جيڪو انڌو ھجي؟ سمجھ وارن کانسواءِ ڪو نصيحت نه وٺندو آھي.
الَّذِينَ يُوفُونَ بِعَهْدِ اللَّهِ وَلَا يَنقُضُونَ الْمِيثَاقَ ( 20 ) الرعد - Aya 20
جيڪي الله جو انجام پاڙيندا آھن ۽ انجام نه ڀڃندا آھن.
وَالَّذِينَ يَصِلُونَ مَا أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يُوصَلَ وَيَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ وَيَخَافُونَ سُوءَ الْحِسَابِ ( 21 ) الرعد - Aya 21
۽ الله جنھن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو تنھن کي جيڪي (ماڻھو) ڳنڍيندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن ۽ حساب جي سختيءَ جو ڀؤ ڪندا آھن.
وَالَّذِينَ صَبَرُوا ابْتِغَاءَ وَجْهِ رَبِّهِمْ وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ وَأَنفَقُوا مِمَّا رَزَقْنَاهُمْ سِرًّا وَعَلَانِيَةً وَيَدْرَءُونَ بِالْحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عُقْبَى الدَّارِ ( 22 ) الرعد - Aya 22
۽ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز پڙھي ۽ جيڪي کين روزي ڏني سون تنھن مان ڳجھو ۽ پڌرو خرچيائون ۽ چڱاين سان مدايون ٽاريندا آھن تن لاءِ آخرت جو گھر آھي.
جَنَّاتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا وَمَن صَلَحَ مِنْ آبَائِهِمْ وَأَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيَّاتِهِمْ ۖ وَالْمَلَائِكَةُ يَدْخُلُونَ عَلَيْهِم مِّن كُلِّ بَابٍ ( 23 ) الرعد - Aya 23
(جي) ھميشگيءَ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي سڌريل ھوندا سي (به گھڙندا) ۽ سڀڪنھن دروازي کان مٿن ملائڪ گھڙندا.
سَلَامٌ عَلَيْكُم بِمَا صَبَرْتُمْ ۚ فَنِعْمَ عُقْبَى الدَّارِ ( 24 ) الرعد - Aya 24
(چوندا ته) انھي ڪري جو (ڏکن ۾) صبر ڪيو ھيؤ سلامتي آھي اوھان تي پوءِ آخرت جو گھر ڀلو آھي.
وَالَّذِينَ يَنقُضُونَ عَهْدَ اللَّهِ مِن بَعْدِ مِيثَاقِهِ وَيَقْطَعُونَ مَا أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يُوصَلَ وَيُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ ۙ أُولَٰئِكَ لَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ ( 25 ) الرعد - Aya 25
۽ جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آھن ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو آھي سو ڇنندا آھن ۽ زمين ۾ فساد وجھندا آھن، انھن تي لعنت آھي ۽ انھن لاءِ بڇڙو گھر آھي.
اللَّهُ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاءُ وَيَقْدِرُ ۚ وَفَرِحُوا بِالْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَمَا الْحَيَاةُ الدُّنْيَا فِي الْآخِرَةِ إِلَّا مَتَاعٌ ( 26 ) الرعد - Aya 26
الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن لاءِ روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ ڪندو آھي، ۽ (ڪافر) دنيا جي حياتي سان خوش ٿيندا آھن، ۽ دنيا جي حياتي آخرت ۾ ٿوريءَ وٿ کانسواءِ نه آھي.
وَيَقُولُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْلَا أُنزِلَ عَلَيْهِ آيَةٌ مِّن رَّبِّهِ ۗ قُلْ إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشَاءُ وَيَهْدِي إِلَيْهِ مَنْ أَنَابَ ( 27 ) الرعد - Aya 27
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھن جي پالڻھار کان ھن تي معجزو ڇونه نازل ڪيو ويو آھي؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن کي ڀلائيندو آھي ۽ جيڪي موٽيو تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.
الَّذِينَ آمَنُوا وَتَطْمَئِنُّ قُلُوبُهُم بِذِكْرِ اللَّهِ ۗ أَلَا بِذِكْرِ اللَّهِ تَطْمَئِنُّ الْقُلُوبُ ( 28 ) الرعد - Aya 28
(اِھي اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي ذڪر سان آرامي ٿينديون آھن، خبردار الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن.
الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ طُوبَىٰ لَهُمْ وَحُسْنُ مَآبٍ ( 29 ) الرعد - Aya 29
جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) خوشي ۽ چڱي جاءِ آھي.
كَذَٰلِكَ أَرْسَلْنَاكَ فِي أُمَّةٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهَا أُمَمٌ لِّتَتْلُوَ عَلَيْهِمُ الَّذِي أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ وَهُمْ يَكْفُرُونَ بِالرَّحْمَٰنِ ۚ قُلْ هُوَ رَبِّي لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ مَتَابِ ( 30 ) الرعد - Aya 30
اھڙي طرح توکي ھڪ اھڙيءَ ٽوليءَ ڏانھن جو بيشڪ کانئن اڳ ڪيتريون ٽوليون گذري ويون آھن ھن لاءِ موڪليوسون ته جيڪي توڏانھن وحي ڪيوسون سو کين پڙھي ٻڌائين ۽ اُھي رحمان جا مُنڪر آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو منھنجو پالڻھار آھي اُن کانسواءِ ٻيو ڪو مَعبُود نه آھي، ۽ مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس منھنجو موٽڻ آھي.
وَلَوْ أَنَّ قُرْآنًا سُيِّرَتْ بِهِ الْجِبَالُ أَوْ قُطِّعَتْ بِهِ الْأَرْضُ أَوْ كُلِّمَ بِهِ الْمَوْتَىٰ ۗ بَل لِّلَّهِ الْأَمْرُ جَمِيعًا ۗ أَفَلَمْ يَيْأَسِ الَّذِينَ آمَنُوا أَن لَّوْ يَشَاءُ اللَّهُ لَهَدَى النَّاسَ جَمِيعًا ۗ وَلَا يَزَالُ الَّذِينَ كَفَرُوا تُصِيبُهُم بِمَا صَنَعُوا قَارِعَةٌ أَوْ تَحُلُّ قَرِيبًا مِّن دَارِهِمْ حَتَّىٰ يَأْتِيَ وَعْدُ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يُخْلِفُ الْمِيعَادَ ( 31 ) الرعد - Aya 31
۽ جيڪڏھن سچ پچ قرآن اھڙو ھجي ھا جو اُن سان جبل ھلائجن ھا يا اُن سان زمين ٽڪر ٽڪر ڪجي ھا يا اُن سان مئلن کي ڳالھرائجي ھا (ته به اُھي ايمان نه آڻين ھا) بلڪ سڀ ڪم الله جي وس ۾ آھن، اڃا مؤمنن نه ڄاتو آھي ڇا ته جيڪڏھن الله گھُري ھا ته سڀني ماڻھن کي ھدايت ڪري ھا، ۽ ڪافرن کي سندن ڪرتوتن سببان سدائين سزا پھچندي آھي يا ايستائين سندن گھرن جي آس پاس پئي پھچندي جيسين الله جو انجام ايندو، بيشڪ الله پنھنجي انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.
وَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّن قَبْلِكَ فَأَمْلَيْتُ لِلَّذِينَ كَفَرُوا ثُمَّ أَخَذْتُهُمْ ۖ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ ( 32 ) الرعد - Aya 32
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن تي ٺـٺوليون ڪيون ويون ھيون پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.
أَفَمَنْ هُوَ قَائِمٌ عَلَىٰ كُلِّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۗ وَجَعَلُوا لِلَّهِ شُرَكَاءَ قُلْ سَمُّوهُمْ ۚ أَمْ تُنَبِّئُونَهُ بِمَا لَا يَعْلَمُ فِي الْأَرْضِ أَم بِظَاهِرٍ مِّنَ الْقَوْلِ ۗ بَلْ زُيِّنَ لِلَّذِينَ كَفَرُوا مَكْرُهُمْ وَصُدُّوا عَنِ السَّبِيلِ ۗ وَمَن يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ ( 33 ) الرعد - Aya 33
سڀڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جي جيڪو خبر رکندڙ ھجي (سو بيخبر بتن جھڙو آھي) ڇا؟ ۽ (ڪافرن) الله جا شريڪ مقرّر ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُنھن (جي وصفن) جا نالا بيان ڪريو، يا کيس اُھو جتائيندا آھيو ڇا جيڪي (ھو) زمين ۾ نه ڄاڻندو آھي؟ يا (بنا حقيقت جي الله سان شريڪ ڪرڻ اِھي) ڇڙيون ڳالھيون آھن، بلڪ ڪافرن کي سندن بڇڙو خيال سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو آھي ۽ اُھي سنئين واٽ کان روڪيا ويا آھن، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونه آھي.
لَّهُمْ عَذَابٌ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَشَقُّ ۖ وَمَا لَهُم مِّنَ اللَّهِ مِن وَاقٍ ( 34 ) الرعد - Aya 34
اُنھن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ بيشڪ آخرت جي سزا ته بلڪل سخت آھي، ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو نه آھي.
مَّثَلُ الْجَنَّةِ الَّتِي وُعِدَ الْمُتَّقُونَ ۖ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۖ أُكُلُهَا دَائِمٌ وَظِلُّهَا ۚ تِلْكَ عُقْبَى الَّذِينَ اتَّقَوا ۖ وَّعُقْبَى الْكَافِرِينَ النَّارُ ( 35 ) الرعد - Aya 35
جنھن بھشت جو پرھيزگارن سان انجام ڪيو ويو آھي تنھن جو بيان (ھيءُ) آھي، ته ان جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (۽) اُن جا ميوا ھميشہ آھن ۽ اُن جي ڇانوَ (سدائين رھندڙ آھي) پرھيزگارن جي اھا پڇاڙي آھي، ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باھ آھي.
وَالَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ يَفْرَحُونَ بِمَا أُنزِلَ إِلَيْكَ ۖ وَمِنَ الْأَحْزَابِ مَن يُنكِرُ بَعْضَهُ ۚ قُلْ إِنَّمَا أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ اللَّهَ وَلَا أُشْرِكَ بِهِ ۚ إِلَيْهِ أَدْعُو وَإِلَيْهِ مَآبِ ( 36 ) الرعد - Aya 36
۽ جن کي ڪتاب ڏنو اٿئون سي جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن سان سرھا ٿيندا آھن ۽ (انھن) جماعتن مان ڪو اھڙو آھي جو ان جي ڪن (ڳالھين) جو انڪار ڪندو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ مون کي انھيءَ کانسواءِ ٻيو حُڪم نه ڪيو ويو آھي ته الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪنھن کي شريڪ نه ڪريان، ڏانھس (ماڻھن کي) سڏيان ٿو ۽ ڏانھس منھنجو موٽڻ آھي.
وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَاهُ حُكْمًا عَرَبِيًّا ۚ وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ أَهْوَاءَهُم بَعْدَمَا جَاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ مَا لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِيٍّ وَلَا وَاقٍ ( 37 ) الرعد - Aya 37
۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي (ھڪ) حُڪم (ڪندڙ) عربي (ٻوليءَ) ۾ موڪليوسون، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تو پاڻ وٽ علم جي اچڻ کان پوءِ سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو بچائيندڙ لھندين.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ وَجَعَلْنَا لَهُمْ أَزْوَاجًا وَذُرِّيَّةً ۚ وَمَا كَانَ لِرَسُولٍ أَن يَأْتِيَ بِآيَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ اللَّهِ ۗ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتَابٌ ( 38 ) الرعد - Aya 38
۽ بيشڪ توکان اڳ (ڪيترائي) پيغمبر موڪلياسون ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون، ۽ ڪنھن پيغمبر کي الله جي حُڪم کان سواءِ ڪو مُعجزو آڻڻ نه جڳائيندو آھي، ھر ڪنھن مُدّت لاءِ لکيل حُڪم آھي.
يَمْحُو اللَّهُ مَا يَشَاءُ وَيُثْبِتُ ۖ وَعِندَهُ أُمُّ الْكِتَابِ ( 39 ) الرعد - Aya 39
جيڪي الله کي وڻندو آھي سو ميٽيندو آھي ۽ قائم رکندو آھي، ۽ وٽس اصل ڪتاب آھي.
وَإِن مَّا نُرِيَنَّكَ بَعْضَ الَّذِي نَعِدُهُمْ أَوْ نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّمَا عَلَيْكَ الْبَلَاغُ وَعَلَيْنَا الْحِسَابُ ( 40 ) الرعد - Aya 40
۽ (اي پيغمبر) جيڪو انجام ساڻن ڪريان ٿو (تنھن مان) جيڪڏھن توکي ڪجھ ڏيکاريان يا توکي ماريان ته (بھرحال) توتي پيغام پھچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا نَأْتِي الْأَرْضَ نَنقُصُهَا مِنْ أَطْرَافِهَا ۚ وَاللَّهُ يَحْكُمُ لَا مُعَقِّبَ لِحُكْمِهِ ۚ وَهُوَ سَرِيعُ الْحِسَابِ ( 41 ) الرعد - Aya 41
اڃا نه ڏسندا آھن ڇا ته اسين زمين کي سندس چوڌاري گھٽائيندا آھيون، ۽ الله جو به حُڪم ڪندو آھي ته سندس حُڪم کي ڪو روڪڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو (الله) سگھو حساب وٺندڙ آھي.
وَقَدْ مَكَرَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَلِلَّهِ الْمَكْرُ جَمِيعًا ۖ يَعْلَمُ مَا تَكْسِبُ كُلُّ نَفْسٍ ۗ وَسَيَعْلَمُ الْكُفَّارُ لِمَنْ عُقْبَى الدَّارِ ( 42 ) الرعد - Aya 42
۽ جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ سڀ بڇڙي سزا الله جي ھٿ ۾ آھي، سڀڪو جيءُ جيڪا ڪمائي ڪندو آھي (سا الله) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪافر سگھو ڄاڻندا ته ڪنھن لاءِ آخرت جو گھر آھي.
وَيَقُولُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَسْتَ مُرْسَلًا ۚ قُلْ كَفَىٰ بِاللَّهِ شَهِيدًا بَيْنِي وَبَيْنَكُمْ وَمَنْ عِندَهُ عِلْمُ الْكِتَابِ ( 43 ) الرعد - Aya 43
۽ ڪافر چوندا آھن ته تون پيغمبر نه آھين، (کين) چؤ ته منھنجي وچ ۾ ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ۽ اُھو (به) جنھن وٽ ڪتاب جو علم آھي.
Facebook Twitter Google+ Pinterest Reddit StumbleUpon Linkedin Tumblr Google Bookmarks Email

Select language

Select surah